اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته پاڪستان ??ي مديني جي رياست وانگر ريا??ت ٺاهڻ اسان جي اصل منزل آهي، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پنهنجي منزل کي حا??ل ڪرڻ جي لاءِ گامزن آهيون، رستي ۾ رڪا??ٽو?? ختم ٿينديون وينديون، حڪومت جي قدمن ۽ پاليسين جا ثمر جلد عوام کي نظر ايندا، مهانگائي جي روڪٿام اسان جي اولين ترجيح آهي، نه ته پي ٽي وي جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي ۽ نه ئي ملازمن کي ڪڍيو پيو وڃي. هو پي آءِ ڊي ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير سيد فخر امام ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير حماد اظهر سان ??ڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو ته وزيراعظم عمران خان سدائين ان ??الهه تي زور ڏيندو آهي ته رياست ۾ عام ماڻهو کي هر ممڪن سهولت ميسر هوندي، مسئلا ۽ مشڪلاتون انهن جي گهر جي چائنٺ تي حل ٿين، اهو ئي مديني جي رياست جو ماڊل آهي، اصل ۾ اسان جي منزل جو تعين ٿي چڪو آهي ۽ اسان جي رخ به درست آهي، منزل تائين پهچڻ جي لاءِ وقت لڳندو آهي ۽ رستي ۾ رڪا??ٽو?? به اينديون آهن، انهن سمورين رڪاوٽن کي اسان عبور ڪري پنهنجي منزل مقصود تائين پهچڻو آهي.