اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڀارت ۾ 2014ع ۾ وزيراعظم نريندر مودي جي قيادت ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جي اقتدار ۾ اچ?? سان هيستائين مسلمانن لاءِ خطرن ۾ اضافو ٿيو آ??ي، مودي جو نظريو نسلي ۽ مذهبي نفرت جي مهم کانسواءِ ڪجهه نه آ??ي، ڀارتي وزيراعظم جي هندوتوا ۽ فاشزم تي ٻڌل نظريا امن لاءِ خطرو آهن، ڀارتي وزيراعظم کي سمجهڻ ??هر??ي ته ڀارت ۾ اقليتون مذهبي نفرت کان تحفظ ۽ مذهبي آزادي جو برابر حق رکن ٿيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڀارت ۾ اسلامو فوبيه جي موضوع تي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نريندر مودي فاشسٽ آر ايس ايس جي تربيت يافته هو جيڪو نسلي برتري جي نظريي تي يقين رکي ٿو ۽ هن مسلمانن ۾ خوف پکيڙي پنهنجو ووٽ بئنڪ ۾ وڏي پئماني تي اضافو ڪيو، هن چيو ته اسلامو فوبيا جو تصور هڪ مشڪل حقيقت رهيو آهي تنهن هوندي به تازو ئي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ان کي هڪ هٿيار طور تي استعمال ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي سياسي تسلسل جو آئنيدار آ??ي، 2014ع ۽ 2019ع ۾ چونڊن ۾ هن ڪاميابي حاصل ڪئي جيتوڻيڪ هو 2002ع ۾ گجرات فسادن ۾ اڻ ڳڻين مسلمانن جي وحشياڻي قتل جو ماسٽر مائينڊ هو، ان ما?? واضح طور تي ظاهر ٿئي ٿو ته ڀارت نام نهاد سيڪيولر رياست مان صرف هندو ملڪ بڻجڻ طرف تيزي سان وڌي رهيو آ??ي، هن چيو ته مودي کي اسلامو فوبيه بابت پنهنجي ناپاڪ ارادن تي سوچ ويچار ڪرڻ ??هر??ي ۽ کيس عالمي امن کي داءُ تي نه لڳائڻ ??هر??ي.