اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ا??د قيصر ڪرونا وائرس بابت عوام کي ??گاهي فراهم ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ??اراهيندي چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ??وڪڻ ۾ ميڊيا جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اولهه ميڊيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني ميڊيا ڪرونا وائرس جي ڦهلاءُ کي ??وڪڻ جي لاءِ آگاهي مهم ۾ انتهائي ذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اڻوڻندڙ حالتن جي باوجود ميڊيا جي فرنٽ لائين تي رپورٽنگ ساراهه جوڳي آهي، ڪرونا وائرس جي روڪٿام لاءِ ميڊيا جي ذميواراڻي ڪردار کي ??دائين ياد رکيو ويندو، ميڊيا عوام کي ??حيح معنيٰ ۾ وائرس جي ڦهلاءُ کي ??وڪڻ بابت احتياطي تدبيرن کان آگاهه ڪيو آهي، ٽاڪ شوز ذريعي عالمي ماهر ڊاڪٽرن جي ڪارائتن مشورن سان عوام ۾ وائرس بابت شع??ر اجاگر ٿيو آهي.