اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زوب ضلعي ۾ دهشتگردن سان ??قابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ميجر سيد علي رضا شاهه ۽ حوالدار نثار احمد ک?? خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نگران ??زيراعظم چيو ته دهشتگردن جي خلاف وڙهندڙ اسان جا اصل هيرو آهن، اسان جي بهادر فوج دهشتگردي جي خلاف مضبوط ديوار وانگر بيٺل آهي. نگران ??زيراعظم چيو ته اسان دهشتگردي جي لعنت کي مڪمل ختم ڪرڻ جي عزم تي قائم آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.