اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ غير ضرور?? قاعدن جو خاتمو، ٽيڪس جي نظام ۾ بهتري ۽ ڪاروباري ب??اد??ي کي هر ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار هتي ملڪ جي مشهور صنعتڪارن ۽ ڪراچي جي ڪاروباري تنظيمن جي نمائندن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، وفد ۾ ميان انجم نثار، شارڪ وهرا، سليم الزمان، فيصل معيض، محمد علي، عبدالحادي، نويد شڪور، انجنيئر نثار، اجمل افضل ۽ زبير باويجه ??امل هئا. ان موقعي تي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، و??ير??عظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين ، ايف بي آر جو چيئرمين ۽ ٻيا ??ينئر آفيسر به موجود هئا. وفد جي ميمبرن ڪراچي پيڪيج، ملڪ ۾ صنعتي عمل خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي پاليسين ۽ قدمن کي ساراهيو، وفد ڪاروباري ب??اد??ي کي درپيش مشڪلاتن کان به و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو.