اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارليامينٽ مان منظور ٿيل چونڊ سڌارا بل تي صحيح ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ صحيحن واري تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاج?? وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود، منصوبابندي ۽ ترق?? واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ظهير الدين بابر اعواڻ ۽ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان شرڪت ڪئ??. صدر جي پاران صحيح کانپوءِ چونڊ سڌارن جو بل قانون بڻجي ويو آهي، ان تحت ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي به ووٽ جو حق ڏنو ويو آهي جڏهن ته ايندڙ چونڊن ۾ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاج?? واري وزارت پهرين ئي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تيار ڪئ?? آهي.