ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قد?? آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ?? سڀ کان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا هڪ اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي ميڊيا هڪ ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست ??ڻا??ڻ جو تصور رکي ٿو ۽ هو عالم سڳورن جي مدد جو منتظر آهي ته ??يئن ملڪ کي فلاحي رياست ??ڻا??ي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو حڪمران توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا عمران خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ چيو ته ??سان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم ک?? مشورو ڏيندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ليڊ ڪندا ڇو ته ??الم سڳورن جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته مديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته منهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسان جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي وڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته ٻارن کي اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته پنهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي ??ڻا??ين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته هر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائيندا آهيون ڇو ته ??سان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انهن جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انهن جي آيل دين جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ٿا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته ??حمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي مديني جي رياست ??ڻا??ڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويزن جي عڪاس ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي لازمي آهي ته ??يئن پاڪستان کي فلاحي رياست ??ڻا??ي سگهجي.