فيصل آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪر?? عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوءِ به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌ?? وڃي جنهن سان گڏوگڏ معاشري جي پيڙهيل طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته انڊسٽري به ترقي ڪر?? رهي آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي راشن ڪارڊ جي طرز تي احساس ڪارڊ ذريعي اٽي، کنڊ، گيهه، دالين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، پي ڊي ايم جيترا مرضي جلسا جلوس، ريليون ڪر?? اها پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي ۽ لولي لنگڙي، ٽٽل ڦٽل، سياسي بيروزگارن جي پي ڊي ايم سان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي ڇو ته عوام انهن چورن، ڦورن ۽ قومي ڏوهارين کي بچائڻ جي لاءِ ٻاهر نه نڪرندي. گورنمينٽ ماڊل ايم سي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سمن آباد فيصل آباد ۾ رحمت اللعالمين صه عشره جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان سميت سمورا ترقي يافته ملڪ ان سان متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 37 ڊالر في بيرل تي هيون ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيندي رهي پر هاڻي اها قيمت ٻيڻي کان به وڌ?? 85 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي تنهن ڪر?? حڪومت کي به قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پيو آهي پر پوءِ به حڪومت پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽ ڪر?? 6.84 سيڪڙو ۽ پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪر?? 25 کان 30 ب??را?? 5.64 رپيا ڪيو اهڙي طرح حڪومت پنهنجو روينيو گهٽ ڪيو ته جيئن عوام تي وڌ??ڪ بار نه پوي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جون قيمتون اڃا به پاڪستان کين وڌ??ڪ آهن. فرخ حبيب چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 13.5 سيڪڙو اضافي جي ابتڙ اسان 8 سيڪڙو اضافو ڪر?? اربين جو بار پاڻ کنيو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ڪوئلي جنهن سان بجلي پيداوار انڊسٽري هلي ٿي جي قيمت عالمي سطح تي 50 ڊالر في ٽن کان وڌ??ڪ 250 ڊالر ۽ کاڄرو تيل جي قيمت 500 ڊالر في ٽن مان وڌ?? 1200 کان 1300 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي جنهن سان گڏوگڏ ڪنٽينر شپنگ جا جيڪي چارجز اڳ ۾ 2000 ڊالر ۽ پهچ 1 مهينو هئي هاڻي ان جا چارجز وڌ?? 8000 کان 10 هزار ڊالر ۽ پهچ 3 کان 4 مهينا ٿي چڪي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪر?? دنيا ۾ مهانگائي جي بد??رين لهر آئي آهي جڏهن ته بلوم برگ پڻ ان جي تائيد ڪئي آهي پر ان جي باوجود اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي سموري ڪوشش ڪر?? رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ اسان جون گيهه ملز مالڪن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته جيئن گيهه جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي جنهن جي لاءِ حڪومت ٽيڪسن جي مناسب گهٽتائي لاءِ پڻ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت ايندڙ مهيني نومبر ۾ راشن ڪارڊ جي طرز تي 1 ڪر??ڙ 20 لک غريب خاندانن کي احساس ڪارڊ جاري ڪر?? رهي آهي جنهن تي اهي اٽي، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سڌوسنئون سبسڊي حاصل ڪر?? سگهندا.