اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد ٻٽا شناختي ڪارڊ ۽ پاسپورٽ رکندڙ شهرين کي 31 آڪٽوبر تائين مهلت ڏيندي چيو آ??ي ته ان عرصي دوران هو پنهنجو جعلي پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ ڪينسل ڪرائين، اسلام آباد ۾ مدرسي جو معاملو خوش اسلوبيءَ سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، قانون کي ڪمزور نه سمجهيو وڃي، نيوزيلينڊ جي ٽيم کي فوج جي سيڪيورٽي ڏني وئي اوچتو واپس وڃڻ جي انهن جي فيصلي تي افسوس آهي، هڪ ڏينهن ايندو جو سڄي دنيا جون ٽيمون هتي اينديون، 19 ۽ 20 صفر تي چهلم جي موقعي تي صوبن کي ضرورت مطابق پاڪ فوج، رينجرز ۽ سول آرمڊ فورسز مقرر ڪيا ويندا. موبائل فون سروس ضرورت تحت بند رکي ويندي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته افغانستان مان 16 هزار ڄڻن کي واپس ڪيو ويو آ??ي جن ۾ 4 هزار طورخم ۽ چمن بارڊر وسيلي هتي آيا آهن. هن ??يو ته اسان افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آهيون، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان ۾ چيو هو ته افغانستان ۾ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. هن ??يو ته جن ماڻهن وٽ 2 پاسپورٽ ۽ 2 شناختي ڪارڊ آهن ۽ جن ماڻهن جو ويزا ختم ٿي چڪو آ??ي ڪابينه ۾ سمري اُماڻي رهيا آهيون ته انهن ??ي 31 آڪٽوبر تائين ڇوٽ ڏني وڃي، انهن مان ڪير به هڪ شناختي ڪارڊ ۽ هڪ پاسپورٽ تان هٿ کڻڻو پوندن. هن ??يو ته چهلم جي حوالي سان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آ??ي ته سمورن صوبن جي اجازت سان چهلم جي موقعي تي موبائل فون سروس بند رهندي. هن ??يو ته اسلام آباد ۾ 50 بجاءِ 100 وارڊن ۾ چونڊون ٿينديون، اسلام آباد جي بلاگر صحافي جي قت?? جي حوالي سان جيڪا پروپيگنڊا ڪئي پئي وئي ان جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قاتل اسلام آباد پوليس جي ريمانڊ ۾ آهي. هن ??يو ته اسلام آباد ۾ اٽڪل 511 مدرسا ۽ هڪ هزار مسجدون آهن، انهن مان صرف هڪ مدرسي جو مسئلو ٿيندو رهندو آ??ي، انتظاميه انهن سان ڳالهين ۾ رهندي آهي ته جيئن انهن جو ڪو حل ڪڍي سگهجي. اسان گڏيل اتفاق راءِ سان معاملي کي حل ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. هن ??يو ته نيوزيلينڊ جي ٽيم جيڪا الزام تراشي ڪئي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو کين آرمي جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي، ايتري ته نيوزيلينڊ جي فورس به ناهي جيتري کين سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي هئي. اسان آخري لمحي تائين ڪوشش ڪئي ته مسئلو حل ٿئي پر ائين نه ٿي سگهيو. گهرو وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا سان بهتر ناتا چاهي ٿو، وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته اسان پاڙيسري جي حيثيت سان افغانستان ۾ انساني همدرديءَ تحت امداد ڪري رهيا آهيون. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن ??يو ته دنيا جا هاءِ سيڪيورٽي ايڪسپرٽ جڏهن پاڪستان جو دؤرو ڪري رهيا هئا ته ان مهل سيڪيورٽي اِشو کي ڇو نه اُٿاريو ويو، ڀارت ۾ ڪورونا جي ڪري ميچون ناهن ٿي رهيون، جڏهن ته وزيراعظم جي ڪامياب حڪمت عمليءَ تحت پاڪستان ڪورونا جي بحران مان نڪري ويو آ??ي. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان جي 80 هزار ماڻهن پنهنجي حياتين جا نذرانا پيش ڪيا آهن اسان جي قربانين جو احترام ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته پاڪستان جي ايجنسين جو شمار دنيا جي بهترين ايجنسين ۾ ٿيندو آ??ي، جيڪڏهن انهن وٽ ٿريٽ الرٽ نه هو ۽ جيڪي اِي ميل آئي اها به ان جي بعد آئي. هن ??يو ته ڀارت وٽ رڳو ٻه ئي خبرون آهن هڪ شيخ رشيد ۽ ٻيو طالبان. مون سياچن جو دؤرو امن لاءِ ڪيو. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن ??يو ته اسان جون سموريون سرحدون محفوظ آهن. هڪ ٻئي سوا?? جي جواب ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۾ ڪابه پناهگير ڪيمپ ناهي، افغان پناهگيرن جڏهن ??اهيندا کين وطن اُماڻڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي. هڪ سوا?? جي جواب ۾ هن ??يو ته پاڪستاني قوم جو ڪرڪيٽ سان وڏو لڳاءُ آهي جڏهن وزيراعظم عمران خان ورلڊ ڪپ کٽيو ته ان وقت مان ر??ند??ن وارو وزير هئس. هن ??يو ته چونڊن بعد هر ڪوئي ڌانڌليءَ جو راڳ آلاپيندو آ??ي، اسان جي اپوزيشن انڊر 19 ٽيم آهي، اها اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي مخالفت ڪندي، حڪومت صاف شفاف چونڊن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعما?? جي بل کي قومي اسيمبليءَ مان پاس ڪرائيندي. هن ??يو ته اپوزيشن ايندڙ چونڊن جي تياريءَ لاءِ نڪتي آهي، حڪومت اپوزيشن کي دعوت ڏئي ٿي ته اها اسان سان گڏجي ويهي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهيون ڪري.