اسلام آباد – 20 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين نوجوان پائليٽ آفيسر شهيد راشد منهاس جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد راشد منهاس جواني ۾ ئي ملڪ تي جان نڇاور ڪ??ي پنهنجي رت سان عزم ۽ همت ۽ و??ا جي روشن تاريخ رقم ڪئي. پنهنجي بيان ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته قوم ملڪ جي خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي سدائين ياد رکندي.