اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??يو آهي ته ملڪ خداداد پاڪستان اسان ج?? بزرگن ج?? عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آهي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان ج?? حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن ??يو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن ??يو ته صوابي ۾ گردن ج?? مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرائي سگهن ٿا. اسپيڪر ??يو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن ??يو ته اسان سڀني لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خداداد پاڪستان اسان ج?? بزرگن ج?? عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آهي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم ن??مت تي اسان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.