اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو ا??تتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊيا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو ا??تتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وز??ر فرخ حبيب، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مز??ري، وزيراعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسو??ءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.