اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايو??ن صدر ۾ مون سون وڻڪاري مهم تحت ٻوٽو لڳايو. مون سون وڻڪاري مهم 2021ع تحت ايو??ن صدر جي اڱڻ ۾ اٽڪل 10 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا. ايو??ن صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي ??ي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته نوجوان وڌ کان وڌ وڻ لڳائي پاڪستان کي صاف ۽ شاداب بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته نوجوان نسل ملڪ جي قدرتي حسن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ون لڳائي ڇو ته موسمياتي تبديلي جا منفي اث?? گهٽ ڪرڻ، ايندڙ نسلن کي صاف ۽ صحتمند ماحول ڏيڻ جي لاءِ وڻ ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان کي تمام گهڻي خوبصورتي ۽ قدرتي ??سيلن سان نوازيو ويو آهي، نوجوان نسل پنهنجي ڀرپاسي کي صاف سٿرو ۽ سرسبز رکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اترين علائقن جي خوبصورت جاين طرف لکين سياح متوجه ٿيا آهن پر سياحن کي ماحول صاف رکڻ، آلودگي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ جي لاءِ تعليم جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ماحولياتي ??ظام کي موسمياتي تبديلي، گلوبل وارمنگ ۽ ٻيلن جي واڍيءَ جي ڪري خطرا درپيش آهن. صدر چيو ته ملڪ ۾ ٻيلن ۾ اضافي جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ دنيا جي مختلف حصن ۾ گليشيئر پگهڙڻ ۽ ٻوڏ جو سبب بڻجي رهي آهي. ان موقعي ??ي موسمياتي تبديلي واري خاص معاون ملڪ امين اسلم صدر کي مون سون وڻڪاري بابت بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم تحت سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا ويندا جڏهن ته 10 ارب ٽري سونامي جي پهرين مرحلي ۾ 2018ع کان 2023ع تائين 3.296 ارب وڻ لڳايا ويندا. ملڪ امين اسلم چيو ته وڻڪاري مهم سان قدر??ي ماحول جي تحفظ، ٻيلن ۾ اضافي ۽ گلوبل وارمنگ جا اث?? گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.