اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پاڪستان ۾ برطانيه جي هاءِ ڪمش??ر ڪرسچن ٽرنر ملاقات ڪئي. برطانوي هاءِ ڪمشنر وفاقي وزير کي آگاهه ڪيو ته هلندڙ سال جي ٻي ڇهه ماهي ۾ برطان??ي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن جي پاڪستان جي دوري جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون، ان دوران برطان??ي ميوزيڪل بينڊ به پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين برطان??ي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ٽيمن ۽ ميوزيڪل بينڊ جي پاڪستان جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته راندين سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن جي لاءِ اها هڪ سٺي خبر آهي، شهرين کي وڌيڪ هڪ اسپورٽس تفريح جو ماحول ميسر ايندو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان جي 75 هين يوم آزادي جي مناسبت سان پاڪ برطانيه گڏيل پروڊڪشن ۽ دس??اويزي فلمن جي ضرورت تي زور ڏنو. وفاقي وزير ميڊيا ٽيڪنالاج?? يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومت جي قدمن کان برطانوي هاءِ ڪمشنر کي آگاهه ڪندي ٻڌايو ته برطانيه جي اعليٰ يونيورسٽين وانگر ميڊيا ٽيڪنالاج?? يونيورسٽي ٺاهڻ جي لاءِ برطان??ي مدد گهربل آهي، وفاقي وزير ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي فروغ ڏيڻ لاءِ فلم جي تياري ۽ لاڳاپيل شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.