اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جمعي ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت روانو ٿي و??و آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن جي نون منصوبن جو افتتاح ڪندو جنهن سان گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائيل ۽ انٽرنيٽ سروس مهيا ٿيندي ۽ م??جوده سروس به??ر ٿيندي. وزيراعظم کي ا??سا?? پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل لاءِ منصوبابندي تي بريفنگ ڏني ويندي.