اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي چيو آهي ته پاڪستان ان منصوبي جي وقت سر تڪميل لاءِ پرعزم آهي، غربت جي خاتمي ۽ ترقي لاءِ چ??ن جي تجربن مان فائدو کڻنداسين. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ۾ چ??ن جي سفير نونگ رونگ سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران غربت جي خاتمي جي چ??ن جي تجربي، ڪووڊ – 19 جي صورتحال ۽ گڏيل لاڳاپن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم ملڪ مان غربت جي خاتمي ۽ هدفن کي ڪاميابي سان حاصل ڪرڻ تي چيني قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان چ??ن جي غربت جي خاتمي ۽ ترقي جي انهن تجربن مان فائدو کڻڻ لاءِ کائنس سکڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پاڪستان کي ڪورونا جي ٽئين شديد لهر درپيش آ??ي ۽ حڪومت ان کي منهن ڏيڻ لاءِ سمورا ضروري قدم ک??ي رهي آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ان وبا کان بچاءُ جي ويڪسينيشن لاءِ منصوبي تي عمل پيرا آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جي عوام چ??ن جي صدر شي جن پنگ جي پهرين فرصت ۾ پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.