اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راو?? سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبن سان معاشي سرگرمين کي فروغ ملندو، ٻنهي منصوبن ۾ ماحوليات جي تحفظ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راوي اربن سٽي منصوبي ۽ سينٽرل بزنس ڊيولپمينٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي راو?? سٽي منصوبي تي هيستائين جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي منصوبي ۾ 5400 اي??ڙ زمين حاصل ڪئي وئي آهي جنهن جي مد ۾ ايوارڊ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي منصوبي تائين آسان پهچ جي لاءِ 17 ڪلوميٽر رستو تعمير ڪيو ويندو. ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته راو?? سٽي ۾ 450 اي??ڙ زمين کي ايگري فارمز جي لاءِ رکيو ويو آهي، راو?? سٽي ۾ سيڙڪاري جي لاءِ ناليواري سيڙپڪار ڪمپنين پا??ان دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي جنهن تي غور ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم کي لاهور ۾ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ قائم ڪرڻ جي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ ۾ ماحوليات جي تحفظ جي لاءِ 10 هزار وڻ لڳايا ويندا، هن وقت ان علائقي ۾ رڳو 1390 وڻ آهن، ان حوالي سان هڪ ٽري ميٽر قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ لڳايو ويندڙ هر وڻ جي داخلا ٿيندي.