اسلام آباد – 19 ج??ن (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي تهذيب ۽ تمدن ۽ پاڪستانيت کي اجاگر ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڊرن ميڊيا جا ذريع??، انٽرنيٽ تي هر قسم جي مواد خاص طور تي اعتراض جوڳي مواد جي آسان دستيابي ۽ اولهه جي طور طريقن ۽ ٻاهرين ڪلچر جي يلغار سان اسان جي قدرن ۽ نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت کي شدي?? چئلينجز درپيش آهن، نئين نسل کي قومي تشخص س??ن روشناس ڪرائڻ، معاشرتي قدرن ۽ پاڪستانيت جي فروغ لاءِ ضروري آهي ته ان حوالي سان فوري طور تي قدم کنيا وڃن، هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي مشهور ليکڪن سان وڊيو لنڪ جي ذريعي ملاقات دوران ڪيو.