اسلام آباد – 04 –; آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ وا??ي پاڪستاني ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ کي مبارڪ پيش ڪندي چيو آهي ته “ويل ڊن محمد نوح دستگير بٽ” توهان شاندار ڪاميابي حاصل ڪري قوم جو سر فخر سان بلند ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سڄي قوم کي محمد نوح دستگير بٽ جي ڪاميابي تي فخر آهي ان اميد ظاهر ڪئي ته نوح دستگير بٽ اڳتي به عالمي سط?? تي ملڪ جو نالو روشن ڪندو. وا??ح رهي ته پاڪستاني ويٽ لفٽر نوح دستگير بٽ ڪامن ويلٿ گيمز 2022 ۾ 405 ڪلو گرام وزن کڻي سونو ٻلو حاصل ڪيو آهي.