اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪ??مت قومي دولت ڦرڻ ۾ ملوث بدعنوان اڳواڻن کي رليف يا اين آر او نه ڏيندي. هن نجي ٽيليويزن چئنل جي هڪ پروگرام ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته مافيا متحد ٿي رهي آهي ج??ڪا عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، هن چيو ته جمهوري طور تي چونڊيل حڪ??مت کي مايوس ڪرڻ جي لاءِ گجرانوالا ۾ جلسو ڪندڙ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شرڪت ڪندڙ ماضي ۾ هڪ ٻئي ج?? خلاف گار گند جو استعمال ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته پي ڊي ايم جي انهن شرڪت ڪندڙن کي اهو مشورو ڏنو ويو آهي ته هو هڪ ٻئي ج?? شناخت لڪائڻ جي لاءِ چهرن تي رومال رکن. سينيٽر فراز بيان ڏنو به جلسن ۾ شرڪت ڪندڙن سينيٽائيزر، نقاب ۽ پاڻي مهيا ڪيو ويو هو، هن ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، جيڪو طبي علاج مان ??طف اندوز ٿيڻ جي لاءِ لنڊن ويو هو هاڻي اتان کان سياست ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪ??مت جي ڪردار تي تنقيد ڪندي هن چيو ته عمران خان جي حڪ??مت تي تنقيد ڪندڙ پاڪستان ??يپلزپارٽي ۽ پاڪستان ??سلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پنهنجي 40 سالن جي عرصي حڪمراني ۾ سڌارا نه آڻي سگهيا هئا، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪ??مت انهن اڳواڻن کي رليف نه فراهم ڪندي ج??ڪي ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جي معاملن ۾ ملوث آهن.