اسل??م آباد – 25 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مخالف ڌر تنقيد سان گڏ تجويزون به ڏي، تنقيد براءِ تنقيد مسئلي جو حل نه آهي، سموريون سياسي پارٽيون حڪومت سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي هلن، ڪرونا کي شڪست ڏي?? جي لاءِ قومي هم آهنگي طرف وڃڻ جي ضرورت آهي. هو وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ دوران ڳالهائي رهي هئي. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جو خطاب حسين خواهشن تي ٻڌل روڊ ميپ هو جيڪو ميديا ذريعي قوم آڏو پيش ڪر?? حڪومت ک?? هدايت ڏني وئي ته اهي قدم فوري طور تي کنيا وڃن.