بيجنگ – 17 ما??چ (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي قيادت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق ڪالهه اڱاري ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس چيني هم منصب شي جن پنگ جي وچ ۾ گريٽ هال بيجنگ ۾ ملاقات دوران ڪيو وي??. ڳا??هه ٻولهه دوران پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن جي سمورن رخن ک?? بحث هيٺ آندو وي??. ان موقعي تي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ مفاهمتي ياداشتن تي پڻ صحيحون ڪيون وي??ن. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ منصوبابندي وارو وزير اسد عمر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. چين جي صدر شي جن پنگ چيو ته مشڪل وقت ۾ چين جي دوري تي ٿورائتا آهيون.