اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪم??نر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ جي حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪ??ي رهيا آهن. وزيراعظم عمران خ??ن کي ترڪي جي صدر رجب طيب ا??دو??ن ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي لاءِ پنهنجي مثالي ڪ??دار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.