اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي لاهور ۾ دل جي م??ض واري اسپتال ۾ وڪيلن جي حملي جي م??مت ڪندي فيصلو ڪيو آهي ته انسانيت جي م??يحا سفيد ڪوٽ پاتل ڊاڪٽرن ۽ ڪارو ڪوٽ پاتل قانون جي رکوالن جي وچ ۾ ٽڪراءُ ڪنهن به طرح ملڪ جي م??اشرتي نظام ۾ بهتر عمل نه آهي، وفاق، صوبائي حڪومتون ۽ پي ٽي آءِ وڪيل تنظي??ون گڏجي سڄي ملڪ جي بار ڪائونسلز ۽ وڪيل تنظيمن سان رابطو ڪري اهڙن واقعن جي تدارڪ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. وزيراعظم جي اط??اعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده معاشي، سياسي صورتحال، عوام سان جڙيل مسئلن جي حل لاءِ قدمن ۽ حڪومت جي م??موعي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو.