اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ رياست جي ذميداري آهي، 911 ايمرجنسي هيلپ لائن جي قيام سان سڄي ملڪ ۾ غريب ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ان سان شڪايت ڪندڙن کي فوري رليف ملندو، حڪومتي ??طح تي ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا جنهن سان حڪومت انهي حساب سان وسيلا مختص ڪري سگهندي، اهو هڪ مث??ت قدم آهي جنهن کي ٻن سالن ۾ جامع ڪيو ويندو، هن ملڪ جي بدقسمتي ??هي آهي ته هتي ??شرافيه لاءِ هڪ ۽ باقي ماڻهن لاءِ ڌار پاڪستان رهيو جتي ??حت، تعليم، سميت ٻيون سهولتون رڳو اشرافيه کي ميسر رهيون، منهنجو سياست ۾ نظريو پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائڻ هو. 911 ايمرجنسي هيلپ لائين جي افتتاح جي موقعي تي ??طاب ڪندي هن چ??و ته اسان اهو ڪم ڪري رهيا آهيون جيڪو عوام جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ ان جي مدد لاءِ رياست کي ڪرڻ گهرجي. 911 سان شهرين کي ڪنهن به درپيش مشڪل ۾ اهو اعتماد حاصل هوندو ته رياست ان جي مدد ڪندي، پوري پاڪستان مان هڪ نمبر تي ڪال ڪرڻ سان ان مسئلي جو فوري حل ٿي سگهندو، هن چ??و ته اهو هڪ نئون پروگرام آهي جنهن ۾ شروعات ۾ مسئلا ايندا تنهن هوندي به ان سان ماڻهن کي اهو احساس ملندو ته اهو پاڪستان سڀني لاءِ آهي، اشرافيه لاءِ هڪ ۽ عوام لاءِ ٻي پاڪستان جو فرق ختم ٿيندو، ڪو به شهري ڪنهن به لمحي پنهنجي شڪايت ڪنهن به علائقي مان ان نمبر تي ڪال ڪري داخل ڪرائي سگهي ۽ رياست ان تي فوري جواب ڏيندي، اهو اسلامي فلاحي رياست طرف هڪ قدم آهي، ان پروگرام تي گهرو وزارت سميت سڀني محنت ڪئي آهي، سڀني کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، ان جي ڪاميابي لاءِ سمورن صوبن جو تعاون گهربل هوندو، اهو مجموعي طور تي پوري پاڪستان جو منصوبو آهي، 18 هين ترميم کانپوءِ وفاق ۽ صوبا ڌار ڌار نظر ايندا آهن پر ان منصوبي سان اهي سمورا گڏ بيهي سگهندا. وزيراعظم چ??و ته صحت ڪارڊ جو آغاز خيبرپختونخوا مان ڪيو ۽ سنڌ کانسواءِ پوري ملڪ ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو جنهن سان 10 لک روپين تائين علاج جي سهولت ميسر اچي سگهندي، غريب خاندانن ۾ بيماري هڪ وڏو مسئلو هوندي آهي، غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ماڻهن لاءِ هيلٿ ڪارڊ هڪ وڏي سهولت آهي، هاڻي اهي مهانگي کان مهانگي اسپتال ۾ علاج ڪرائي سگهن ٿا. هن چ??و ته 75 سالن کانپوءِ اسان هڪجهڙي تعليمي نصاب لاءِ قدم کنيا آهن، شروعاتي ??ور تي پنجين درجي تائين هڪجهڙو نصاب شروع ڪيو آهي، اهو ڪم 70 سال پهرين شروع ٿيڻ گهربو هو تنهن هوندي به اسان آهستي ??هستي ??ن کي مٿي تائين وٺي وينداسين، اشرافيه لاءِ انگلش ميڊيم ۽ ٻين لاءِ ٻ??و تعليمي نظام ناانصافي جو نظام هو، وزيراعظم چ??و ته اسان احساس پروگرام، ڪامياب جوان پروگرام شروع ڪيا، گهٽ آمدني وارن لاءِ پنهنجو گهر پروگرام شروع ڪيو، ڪاروبار لاءِ قرض فراهم ڪيو، هن چ??و ته اسان قانوني امداد جو پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون جتي فريادي کي وڪيل ڪري ڏيون. هن چ??و ته پهرين فلاحي رياست ٺهندي آهي ته پوءِ ان جي برڪت مان پئسا به ايندا آهن، چين جو ماڊل اسان جي لاءِ مثال آهي، چين 70 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت جي هيٺين لڪير کان ڪڍيو، ڀارت ۽ چين گڏجي اڳتي وڌڻ جو سفر شروع ڪيو هو پر ڀارت ايليٽ ڪلاس جي ڪري پوئتي ??هجي ويو، چين هن وقت دنيا جي تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشت آهي، هو مديني جي رياست جي ماڊل جي پيروري ڪري رهيو آهي، هن چ??و ته مديني ۾ دنيا جي تاريخ جو سڀ کان وڏو انقلاب آيو، هن چ??و ته پاڪستان ۾ جيستائين اسان ايليٽ سسٽم نه ٽوڙينداسين ته سمورين سهولتن تي ??نهن جو قبضو رهندو، 911 ان طرف اهم قدم آهي، اسان ان پروگرام تحت عام غريب ماڻهو کي بااختيار بڻائينداسين، ڏوهن جا انگ اکر ميسر اچي سگهندا، پوءِ حڪومت ان تحت وسيلا مختص ڪندي، اهو هڪ مث??ت قدم آهي جنهن کي جامع ڪرڻ ۾ ٻن سالن جو وقت لڳندو، اها پاڪستان جي عوام لاءِ هڪ وڏي سهولت آهي