اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقست??ن جي وچ ۾ واپار ۽ گڏيل رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پرعز?? آهي. اسلام?? تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل ج?? 48 هين اجلاس جي موقعي تي قازقست??ن جي پرڏيهي وزير مختار تلبردي وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قازقست??ن جي پاڪستان سان ٻطرفن لاڳاپن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ شنگهائ?? تعاون تنظيم (ايس سي او) سربراهه اجلاس جي موقعي تي قازقست??ن جي صدر قاسم جومارٽ توڪايوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي پاڪست??ن جي ويزن سينٽرل ايشيا پاليسي کي ورجايو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ رابطن ۾ اضافي جي لاءِ تعاون کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ افغانستان سميت مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قازقست??ن جي پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان کي قازقستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ٻطرف?? تعاون کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم گڏيل قومن، او آءِ سي، ايس سي او ۽ اي سي او جهڙن علائقائي ۽ عالمي فورمن سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪست??ن جي عزم کي ورجايو. هن چيو ته هو هن سال ج?? آخر ۾ قازقست??ن جي صدر جي پاڪست??ن جي دوري جو منتظر آهي.