اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم جي ڪردار کي وڌيڪ م??تحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي. ڪ??مي?? ميڊيا سروس موجب شاهه محمود قريشي اسلام آباد ۾ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي افتتاحي ??جلاس کي خطاب ڪندي چيو ته بطور ميمبر پاڪستان اسلا??ي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري کي فروغ ڏيندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي تي زور ڏنو ته مسلمان امت کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ردعمل جو مظاهرو ڪري. هن چيو ته او آءِ سي اٽڪل 2 ارب مسلمانن جو گڏيل آواز آهي. اها مسلمان ملڪن ۽ عالمي برادري جي وچ ۾ هڪ پل آهي. مسلمان امت جي اندر يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مرڪزي ٿنڀن مان هڪ آهي. هن چيو ته او آءِ سي اجلاس جي 48 هين اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان جو بنيادي هدف مسلمان ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ م??تحڪم ڪرڻ هوندو. فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مي?? جي صورتحال جو ذڪر ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته فلسطين ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمُون ۽ ڪ??مي?? جا مسلمان هينئر به غلامي جو شڪار آهن. هن چيو ته اسان کي قراردا??ن کي اختيار ڪرڻ کان اڳتي وڌي انهن تڪرارن جي مستقل حل جي لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن.