اسلام آباد – 21 R11; مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي پرڏيهي وزير سراج الدين مهردين ملاقات ڪئي. اها ملاقات اسلامي تعاون تنظيم جي 48 ه??ن اجلاس جي موقعي تي ٿي. ملاقات دوران هن گڏيل دلچسپي جي سمورن ??عب?? ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 30 هين سالگرهه تي پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم سيپٽمبر 2021ع ۾ دوشنبه جي پنهنجي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو ۽ دوري دوران ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي اطمينان جو اطهار ڪيو، وزيراعظم واپاري ۽ اقتصادي رابطن کي وڌائڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي کي جلد مڪمل ڪرڻ جي اهميت تي زو?? ڏنو، وزيراعظم معيشت، واپار، توانائي، رابطي ۽ سيڙپڪاري جي ??عب?? سميت ٻطرفي تعاون کي جامع طور تي بهتر بڻائڻ جي پنهنجي خواهش جو ورجاءُ ڪيو، هن ”ويزن سينٽرل ??يشيا“ پاليسي تحت وچ ايشيا سان پاڪستان جي وڌندڙ رابطن کي به اجاگر ڪيو ۽ ڪاسا 1000 پاور پراجيڪٽ جي وقت سر تڪميل جي عزم جو ورجاءُ ڪيو، وزيراعظم افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ انساني امداد جي فراهمي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي زو?? ڏنو. علائقائي خوشحالي لاءِ ملڪ ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام جي اهميت تي زو?? ڏيندي وزيراعظم ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن جي اهم ڪردار تي زو?? ڏنو. وزيراعظم زو?? ڏئي چيو ته پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان سڀني جي مفاد ۾ آهي.