اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته دنيا ۾ امن يقيني بڻائڻ لاءِ قومن کي پنهنجي مفاد تي ٻڌل قانونن تي عملدرآمد بدر??ن اخلاقيات تي ٻڌل ورلڊ آرڊر کي فروغ ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪست??ن انسٽيٽيوٽ فار پارليامينٽرين سروسز ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل روشن آهي، ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ نوجوانن جو اهم ڪردار آهي. هن چيو ته پاڪستان وٽ سنهري موقعو آهي، دنيا ٽيڪنالاجي ۾ تيزي سان ترقي ڪري رهي آ??ي، اسان فيصلاسازي ۾ سستي جو شڪار آهيون، جڏهن ته دنيا جلدي فيصلا ڪري رهي آ??ي جيڪڏهن پارليامينٽ سميت ٻيا فيصلا ساز ادارا فوري فيصلو نه ڪندا ته قوم ترقي نٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڪستان کي تيزي سان ٽيڪنالاجي جي ان رستي کي اختيار ڪرڻو پوندو، ترقي جو اهو واحد رستو آهي. هن چيو ته جنگ ۽ قتل عام جي تاريخ تمام پراڻي آ??ي، سڀني مذهبن امن جي تعليم ڏني آ??ي، ضد، انا ۽ ٻين جي خلاف بالادستي جي ڪري جنگيون ٿينديون آهن، يورپ ۾ جنگين کانپوءِ گڏيل قومون وجود ۾ آئي. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن ۾ ڀارت کڻي ويو، هن افسوس جو اظهار ڪيو ته دنيا وڏيون جنگيون ڏسڻ جي باوجود ان حقيقت کي نه سڃاتو ته جنگين کان بچڻ گهرجي، دنيا ۾ اخلاقيات ۽ همدردي جا قدر ختم ٿي رهيا آهن، هن چيو ته اسلام مذهب، رنگ ۽ ذات جي فرق کانسواءِ برابري جو سبق ڏي ٿو. هن چيو ته پاڪستان وٽ عالمي موقعن مان فائ??و کڻڻ جو سنهري موقعو آهي. هن چيو ته بيورو ڪريسي، پارليامينٽ ميمبرن ۽ دانشورن سميت پاليسي سازن تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته اهي ٽيڪنالاجي جي ترقي مان فائ??و کڻڻ لاءِ پنهنجي ذميداري پوري ڪن. هن چيو ته فيڪ نيوز ڪمزور قومن تي حملي جي ذريعي جي طور تي استعال ڪئي وڃي ٿي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي جعلي خبرن کان پري رهن ۽ پنهنجي هدفن جي رخ تي ان جا منفي ا??ر پوڻ نه ڏين.