اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي ??زا?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سموري آبادي ۽ سمورن هاءِ ويز تي بهتر انٽرنيٽ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ اعليٰ معيار جي آءِ سي ٽي خدمتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي ??اء?? قدم کنيا پيا وڃن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ انٽرنيٽ جي فراهمي تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته حڪومت سمورن شعبن ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي ??اء?? وڏي پئماني تي اڀرندڙ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ جديد ايپس کي اختيار ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، براڊ بينڊ ۽ انٽرنيٽ تائين پهچ سان مقامي ماڻهن جي ??اء?? روزگار ۽ اي ايجوڪيشن کي فروغ ملندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ??زا?? ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان سياحت جون پرڪشش جايون آهن ۽ هتي انٽرنيٽ جي فراهمي حڪومت جي اهم ترجيح آهي. صدر ??زا?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي ۾ ايس سي او جي ڪردار کي ساراهيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي واري وفاقي وزير سيد امين الحق، گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد، ??زا?? ڪشمير جي آءِ ٽي واري وزير محمد اقبال، آءِ ٽي واري وفاقي سيڪريٽري محمد سهيل راجپوت کانسواءِ پي ٽي اي جي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر عظيم باجوه ۽ ڊي جي ايس سي او ميجر جنرل شاهد صديق شرڪت ڪئي. اجلاس کي ڊي جي ايس سي او ??زا?? ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ براڊ بينڊ جي فراهمي جي ??اء?? کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.