اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، اس??ندڙ ملڪن جو پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان کنيو، ناڪامي جو ملبو به اس??ن جي مٿان وڌو ويو، هاڻي به افغانستان ۾ ڊگهي خانه جنگي ٿي وڃي ته ان جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو، ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد نٿو ڪري جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ڪري رهيو هجي ها ته گهڻو شور مچي ها، اس??ن جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽي طرح جا نظام هلي رهيا آهن، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندي آهي، اس??ن کي ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اس??ن کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اپليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي اهتمام هيٺ مارگلا ڊائيلاگ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته قومون جي وچ ۾ فرق ئي قانون جي حڪمراني جو آهي، غريب ملڪن ۾ وسيلن جي کوٽ غربت جو سبب نه آهي پر قانون جي حڪمراني ئي معاشري ۾ ميرٽ ۽ تهذيب وڌندي ويجهندي آهي، جهوريت اتي ئي مستحڪم ٿيندي آهي جتي قانون جي حڪمراني هجي، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني نه هجي ته چونڊن ۾ طاقتور، وار لارڊز ۽ ڏوهاري ماڻهو اڳتي اچي ويندا آهن، قانون جي حڪمراني اهڙي طرح جي ڏوهاري پيشيور ماڻهن کي اڳتي اچڻ کان روڪيندي آهي، وزيراعظم چيو ته بدعنواني قانون جي حڪمراني نه هجڻ جي هڪ علامت آهي، اس??ندڙ ملڪن جي پوئتي رهجي وڃڻ جو سبب ڪرپشن ۽ اشرافيا جي بدعنواني آهي، اس??ن جي ملڪ ۾ تحقيق جي شعبي ۾ تمام گهٽ ڪم ٿيو آهي ڇو ته تحقيق سان حقيقي سوچ وڌندي ويجهندي آهي ڇو ته جيڪڏهن تحقيق نه ٿئي ته پوءِ ٻيا ماڻهو اس??ن جي باري ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪندا آهن، اس??ن پنهنجي راءِ سان حقيقتون سامهون نٿا آڻي س??هون، وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغان جنگ ۾ آمريڪا جو اتحادي بڻيو پر ناڪامي جو سڄو ملبو پاڪستان تي وڌو ويو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان 80 هزار جانين جي قرباني ڏني، آمريڪا جي ڪنهن ٻي اتحادي جو ايترو نقصان ناهي ٿيو، 30 کان 40 لک ماڻهو بي گهر ٿيا جڏهن ته اس??ن جي معيشت کي 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو، گذريل 10، 12 سالن دوران ڪنهن اولهندي ملڪ جي اخبار پاڪستان کي ان جو ڪريڊٽ ناهي ٿيو الٽو پاڪستان کي ڊبل گيم ڪرڻ جو الزام ڏنو ويندو رهيو، غلطيون هو پاڻ ڪري رهيو هو ۽ قصور وار پاڪستان کي بڻايو ويندو رهيو، اس??ن انهن الزامن جو ان ڪري جواب نه ڏئي رهيا هئاسين ڇو ته اس??ن جي ملڪ جي قيادت جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ ڪو به ٿنڪ ٽينڪ موجود نه هو، مسئلن جي حل لاءِ اس??ن کي ليڊرشپ جي کوٽ درپيش هئي، هن چيو ته هاڻي به افغانستان ۾ جيڪڏهن ڊگهي گهرو ويڙهه ٿي وڃي ها ته ان جو سڄو الزام پاڪستان تي اچڻو هو پر الله تعاليٰ اس??ن کي ان کان محفوظ رکيو آهي، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ اهو انتهائي شرم جي ڳالهه هئي ته اس??ن جنهن جو ساٿ ڏئي رهيا هئاسين، اهو اس??ن کي اتحادي به قرار ڏئي رهيا هئا، اس??ن جي مٿان بمباري به ڪري رهيا هئا، اس??ن جي ماڻهن جون جانيون به ويون پر الزام به اس??ن تي ئي لڳندو رهيو هو ۽ گڏوگڏ امداد ڏيڻ جون ڳالهيون به ڪيون پئي ويون، وزيراعظم چيو ته ان وقت اس??ن جو ملڪ به ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ طبقو آمريڪا جو مخالف هو ۽ ٻيو آمريڪا جي حمايت ۾ اڳتي اچي ويو جنهن جي ڪري اس??ن پنهنجو موقف ان طريقي سان دنيا جي سامهون نه آڻي س??هياسين، وزيراعظم چيو ته مسلمان دنيا ۾ ئي اهڙا ٿنڪ ٽينڪس موجود نه هئا جيڪي اهو جواب ڏين ته اسلام ۽ دهشتگردي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق نه آهي، سڄي دنيا ۾ اسلامو فو??يا جا ذميدار اس??ن نه آهيون، ڪو به مذهب د??شتگردي جي اجازت نٿو ڏي، انساني معاشرن ۾ انتهاپسند، اعتدال پسند ۽ آزاد خيال هر طرح جا ماڻهو هوندا آهن پر مذهب جو دهشتگردي سان ڪو به تعلق ناهي هوندو. اولهه ۾ رهندڙ مسلمانن کي نائين اليون کانپوءِ تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پر دنيا ۾ مسلمان قيادت پاران ان حوالي سان ڪو به جواب سامهون نه آيو. وزيراعظم چيو ته ڀارت ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي اولهه ان تي تنقيد ناهي ڪندو، پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح ڪري رهيو هجي ها ته تمام گهڻو شور مچي ها، اس??ن جا ٿنڪ ٽينڪس هجن ها ته هو ان معاملي کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪن ها، هندستان ۾ نسل پرست حڪومت هڪ بدقسمتي آهي، جنهن جون فاشٽ پاليسيون آهن ۽ اقليتن سان ناروا سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن وقت ڀارت ۾ اقيلتن کي مشڪلاتون درپيش آهن، وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي جو هڪ وسيع تناظر آهي، جيستائين جامع ترقي نه ٿئي قومي سلامتي يقيني نٿي بڻجي س??هي. جيڪڏهن هڪ ننڍو طبقو امير ٿيندو وڃي ۽ ڪمزور طبقو ڪمزور تر ٿيندا رهيا ۽ هڪ علائقو ترقي ڪري وڃي يا ٻه ٽي شهر ترقي ڪري وڃن ته باقي ملڪ يا صوبا پوئتي رهجي ويندا ته اهو ملڪ به محفوظ ناهي هوندو، غير مساوي ترقي انتشار جو سبب بڻجندو آهي، ڪجهه ماڻهن جي امير ٿيڻ سان ڪو به ملڪ مستحڪم نٿو ٿي س??هي، وزيراعظم چيو ته انساني ترقي تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي، اس??ن جي ملڪ ۾ اردو ميڊيم، انگلش ميڊيم ۽ ديني مدرسن جي تعليم ٽن طرح جا نظام هلي رهيا آهن، ديني مدرسن کي قومي ڌارا ۾ آڻن لاءِ پهريون ڪڏهن به ڪنهن نه سوچيو، نئون آبادياتي نظام ۾ تعليم کي ٺيڪ ڪرڻ بدران ان ۾ وڌيڪ مشڪلاتُون پيدا ڪيون ويون، وزيراعظم چيو ته اس??ن جي ملڪ ۾ معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ضرورت آهي ته جيئن بهتر تحقيق جي ذريعي صحيح معنيٰ ۾ قومي بيانيو سامهون آڻي س??هجي، هن چيو ته غير ملڪي ٿنڪ ٽينڪس انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ عنصرن کي ئي س??ي معاشري جو عڪاس سمجهندي آهي، وزيراعظم چيو ته اس??ن جو دين عام ماڻهو کي متاثر ڪندو آهي، اس??ن جو مضبوط خانداني ۽ مهذب نظام آهي، اس??ن وٽ به انتهاپسندي جي سوچ رکندڙ ماڻهو آهن پر ان جو سبب اهو آهي ته اس??ن غير منصفاني تعليمي نظام کي ٺيڪ نه ڪيو، وزيراعظم چيو ته تحقيق کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٿنڪ ٽينڪس جي جيئن جيئن ساک وڌندي اس??ن لاءِ آسانيون پيدا ٿينديون وينديون، جڏهن به ٻاهرين ملڪ پاڪستان جي خلاف ڪا مهم هلندي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين کي تمام گهڻين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، معياري ٿنڪ ٽينڪس جي ذريعي اس??ن کي پنهنجو صحيح تشخص ۽ حقيقي موقف دنيا تي واضح ڪرڻ گهرجي.