اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي ع??ب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير ??اهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير ??ماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص ??عا??ن ملڪ ا??ين اسلم پڻ وزيراعظم سان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي ??عا??لن بابت گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير ??ابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي ??عا??لن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ سعودي ع??ب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.