اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۾ متحده عرب ??مارات جي ماڊل تي عمل ڪرڻ چاهي ٿو، گوادر بندرگاهه وچ ايشيا جي رياستن کي ويجهو آهي اهو عالمي واپار لاءِ هڪ اضافو آهي، ۽ متحده عرب ??مارات جي جبل علي پورٽ جو ڪم ڪري رهي آهي، اها ان کي سگهه ڏيندي، ٻئي بندرگاهون هڪٻئي کي مضبوط بڻائي سگهن ٿيون. ام??رات نيوز ايجنسي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ صدر چيو ته گوادر پورٽ مئي 2021ع ۾ مڪمل طور تي آپريشنل ٿي ويو آهي ۽ 50 هزار ڊيڊ ويٽ بلڪ ڪيريئرز کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، متحده عرب ??مارات جي وزيراعظم شيخ محمد سان پنهنجي ملاقات ۽ پاڪستان ۽ متحده عرب ??مارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 50 هين سالگرهه جي باري ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته ان سان ملي خوشي ٿي، دنيا ۾ دبئي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، دبئي ڪاروبار کي سٺي طرح سمجهي ٿو، هن وٽ محدود وسيلا هئا پر ان سڄي دنيا جي وسيلن کي پنهنجي طرف متوجهه ڪيو، صدر ٻڌايو ته هن مون کي پنهنجو ڪتاب ”منهنجي ڪهاڻي“ ڏنو جيڪو اردو ۾ آهي ۽ آئون ان کي ضرور پڙهندس ڇاڪاڻ جو مون ان جي سوانحه عمري ۾ دلچسپي رکان ٿو ته هن ڪهڙي طرح تبديلي جي قيادت ڪئي ۽ پوءِ توهان پنهنجي ملڪ کي نئين بلندين تي وٺي ويو، اهو دبئي ۽ متحده عرب ??مارات جو هڪ انوکو تجربو آهي ۽ ا??و اسان پاڪستان ۾ به ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته متحده عرب ??مارات سان لاڳاپن ۾ گذريل سالن ۾ زبردست بهتري آئي آهي، اسان جي لاڳاپن جو بنياد مضبوط آهي، جيڪا ڀائيچاري ۽ هڪ گڏيل مذهب تي ٻڌل آهي، متحده عرب ??مارات ۽ پاڪستان سدائين امن جي ڪوشش ڪئي آهي، صدر عارف علوي وضاحت ڪئي ته سندس ملڪ ان طريقي سان تمام گهڻو سکي سگهي ٿو، جهڙي طرح متحده عرب ??مارات پاڻ کي دنيا ۾ سيڙپڪاري ۽ واپاري مرڪز طور تي پيش ڪيو آهي، پاڪستان متحده عرب ??مارات وانگر هڪٻئي ڪاروباري ڊومين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ته اسان وٽ خصوصي اقتصادي ۽ برآمدي زونز آهن جتي صنعتي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، اسان وٽ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز اٿارٽي به آ??ي، جتي ماڻهو سرمايو لڳائي سگهن ٿا ۽ حڪومت ان ڳالهه جي ضمانت ڏي ٿي ته توهان پنهنجو سرمايو ۽ منافعو ڪڍي سگهو ٿا، ڪو ٽيڪس نه آ??ي ۽ ا??ا سيڙپڪاري جي جنت آهي، صدر متحده عرب ??مارات جي مدد سان تعليم کي بهتر بڻائڻ، عورتن ۽ تازن ڄاول ٻارن جي صحت جو خيال رکڻ، عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ ڊجيٽل معيشت ۾ شموليت لاءِ قدم کڻي رهيو آهي.