اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ش??ري?? جي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 2549 ادارن جي جزوي طور تي حل ٿيل شڪايتن کي ٻيهر کولڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرائم منسٽر ڊيليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) پاران جاري تفصيل موجب ان سلسلي ۾ 83 هزار 741 شڪايتن کي ٻيهر کولي مجاز آفيسرن کي ضروري ڪارروائي جي لاءِ ??فويض ڪيون وينديون. ڄاڻايل سمورين شڪايتن ۾ ش??ري?? کي جزوي ريليف جو اشارو ڏنو ويو هو. پي ايم ڊي يو چيو آه?? ته 773 وفاقي ادارن جون 43 هزار 351 شڪايتو?? کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي حڪومتن جي 2450 ادارن جون 40 هزار 415 شڪايتون ٻيهر تفويض ڪيون وينديون. پي ايم ڊي يو چيو آه?? ته وفاقي سطح تي سڀ کان وڌيڪ 3181 شڪايتون آئيسڪو جو?? کوليون وينديون جڏهن ته صوبائي سطح تي پنجاب ۾ هاءِ وي جون 1606، خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي اي جون 412، سنڌ ۾ ڪي ڊبليو ايس پي جون 874 ۽ بلوچستان ۾ سيڪنڊري ايجوڪيشن جون 130 شڪايتون سرفهرست آهن. پي ايم ڊي يو چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي هدايتن جي روشني ۾ عوامي شڪايتن جو هر ممڪن حل يقيني بڻايو ويندو.