اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جي منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهي ناڻو اُماڻيندڙن کي مراعتون ڏنيون وينديون ۽ ان عمل کي هٿي وٺرائي ويندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن آف ??اڪ??تان کي وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ ۽ آزاد ڄمون ڪشمير حڪومت لاءِ پاسڪو جي اسٽاڪ مان 3 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهمي ج?? پڻ منظ??ري ڏئي ڇڏي آهي. اي سي سي ج?? اجلاس ناڻي واري وزير شوڪت ترين جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، يوٽيليٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن جي ايم ڊي ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. ناڻي واري سيڪريٽري اجلاس ۾ پرڏيهه مان ناڻو اُماڻيندڙ پرڏيهه ۾ ترسيل ??اڪ??تانين لاءِ نيشنل ريمينٽس لائيٽي پروگرام جنهن کي سهڻي ڌرتي ريمينٽس پروگرام جو نالو ڏنو ويو آهي تحت ترغيب ۽ انعام ڏيڻ بابت سمري پيش ڪئي. ان پروگرام تحت قانوني ۽ بئنڪنگ ذريعن مان پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻو پرڏيهه ۾ ترسيل ??اڪ??تانين کي انهن جي اُماڻيل ناڻي مطابق پوائنٽس ڏنيون وينديون. تفصيلي غور ويچار بعد اقتصادي رابطا ڪميٽي سفارشن جي پوائنٽس تي غور ڪندي ڪيش ادائيگي مستقل طور تي وطن واپس ايندڙ اوورسيز ??اڪ??تانين کي ڪئي ويندي. جڏهن ته ٻين اوورسيز ??اڪ??تانين کي انهن پوائنٽس جي بنياد تي پي آءِ اي ج?? ٽڪيٽ ۽ موبائل فون ڊيوٽي ج?? سهولت فراهم ڪئي ويندي. اجلاس ۾ قومي ۽ غذائي تحفظ ۽ تحقيق طرفان يوٽيليٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن کي ڊسمبر 2021ع تائين 2 لک 80 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي فراهميءَ بابت سمري پيش ڪئي. اجلاس کي ٻُڌايو ته عب??ري انتظامن تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪا??پو??يشن کي اڳ ئي 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ٿي چڪي آهي، وڌيڪ هڪ لک 90 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پاسڪو جي اسٽاڪ مان يا مقامي امپورٽ شده ڪڻڪ مان فراهم ڪئي ويندي. ان کان علاوه اي سي سي آزاد ڄمون حڪومت کي ملڪي ۽ امپورٽ شده ڪڻڪ جي ذخيرن مان فراهميءَ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ڪابينه ڊويزن جي سمري تي مالي سال 2022ع لاءِ خصوصي ٽيڪنالاجي زونز ٺاهڻ جي سلسلي ۾ 6.4 ارب رپين جي فني ضمني گرانٽ جي منظ??ري ڏني وئي. اجلاس جي آخر ۾ ناڻي وزارت طرفان ٽماٽن ۽ بصرن جي ايڪسپورٽ بابت سمري پيش ڪئي وئي. تفصيلي غور ويچار بعد ناڻي وزير جي قيادت ۾ هڪ ذيلي ڪميٽي ج??ڙي وئي. واپار واري وزارت جلد خراب ٿيندڙ شين جي ماهوار امڪاني پيداوار، کپت ۽ واڌو پيداوار جي حوالي سان ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪندي ۽ انهن شين جي ايڪسپورٽ جو فيصلو پڻ ذيلي ڪميٽي ڪندي.