اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ٽوڪيو ??ير?? اولمپڪس ۾ پاڪستان لاءِ په??يو?? گولڊ ميڊل کٽيندڙ پاڪستاني ايٿليٽ حيدر علي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا به موجود هئي. صدر ??وڪيو ??ير?? اولمپڪس (آگسٽ – سپٽمبر 2021ع) ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪرڻ تي حيدر علي کي مبارڪباد ڏني، صدر حوصلا افزائي لاءِ حيدر علي کي 25 لک روپين جو انعامي چ??ڪ به پيش ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حيدر علي شاندار راند جو مظاهرو ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪيو، اميد آهي ته مستقبل ۾ به ان کان به بهت?? ڪارڪردگي ڏيکاريندو. صدر چيو ته حڪومت ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، خصوصي ماڻهن کي ملڪ جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هنر ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته راندين جي نئين پاليسي ۾ خصوصي ماڻهن کي به شامل ڪنداسين.