گڏيل قومون – 20 سي??ٽمبر (اي ??ي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ۽ اسلامي سهڪاري تنظيم (او آءِ ??ي) جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر يوسف بن احمد العثيمين وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ افغانستان، وچ اوڀر امن عمل ۽ ميانمار جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. گڏيل قومن جي پري ريليز مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گذريل ڏينهن ٿيل ملاقات ۾ پنهنجي ??دي دوران گڏيل قومن ۽ او آءِ ??ي وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ??اتي دلچسپي جو اظهار ڪرڻ تي اسلامي سهڪاري تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو مڃيو.