اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر دو??ان ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن ??ي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ ع??ام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر آئي آهي، ڀارتي قسم جو اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن ??ي سختي سان عمل ڪري، پاڪستان ڪورونا جي خلاف صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪيا، پاڪستان انهن ٽن ملڪن ۾ شامل آهي جن بهتر حڪمت عملي سان ڪورونا تي ضابطو آندو، حڪومت جي وقت سر ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ ع??ام ۽ معيشت کي تحفظ فراهم ڪيو، ملڪ ۾ هيستائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.