اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??فا??ي محتسب کي هدايت ڪئي آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ نوٽري پبلڪ جي نامزدگي جي حوالي سان پن??نج?? فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻائي، ان قدم سان ٻاهرين ملڪ دستاويزن جي تصديق ۽ مختيار نامو جاري ڪرڻ جي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صدر ان حوالي سان 5 سالن کان وڌيڪ عرصي کان هڪ معاملو حل نه ٿيڻ ۽ لاڳاپيل کاتن پاران موثر قدم نه کڻڻ تي ناراضگي جو اظهار ڪي??. آمريڪا ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني شهري جي شڪايت جو نوٽيس وٺندي صدر ??فا??ي محتسب کي هدايت ڪئي ته 15 اپريل 2015ع تي ڪي?? پن??نج?? فيصلي تي بنا دير قانون موجب عملدرآمد يقيني بڻائي، محمد نصر الله خان نالي شهري ??فا??ي محتسب جي فيصلي تي عملدرامد نه ٿيڻ جي خلاف صدر کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي هئي. ??فا??ي محتسب 15 اپريل 2015ع تي پن??نج?? فيصلي ۾ گهرو وزارت کي آمريڪا جي وڏن شهرن ۾ نوٽري پبلڪ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي جيڪي سمنڊ پار پاڪستانين جي دستاويزن جي تصديق ڪري سگهن. شڪايت ڪندڙ ان فيصلي تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ ??فا??ي محتسب کي اپيل ڪئي جنهن تي 18 جون 2015ع تي ٿيند?? ٻڌڻي ۾ ??فا??ي محتسب پرڏيهي وزارت کي ٻن مهينن ۾ مناسب حڪمت عملي جوڙڻ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي سهولت لاءِ ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن کي ضروري هدايتون جاري ڪرڻ ۽ ان حوالي سان عملدرآمد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.