اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۽ خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وا??رس سبب 75 فوتگيون ٿيون جنهن مان 36 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??ڄي ملڪ ۾ 2 هزار 726 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي ت??اسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 66 سيڪڙو، لاهور ۾ 42 سيڪڙو، پشاور ۾ 34 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وا??ن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي ت??اسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 37 سيڪڙو، صوابي ۾ 40 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 46 سيڪڙو، ملتان ۾ 54 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 62 هزار 706 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان ??نڌ ۾ 22 هزار 43، پنجاب ۾ 24 هزار 914، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 771، اسلام آباد ۾ 5 هزار 157، بلوچستان ۾ هڪ هزار 418، گلگت بلتستان ۾ 476، آزاد ڪشمير ۾ 907 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 31 هزار 744 ٿي چڪو آهي.