اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي يتيم لاش?? تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقعي کي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ??دارن کي حڪم جاري ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقعي کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي يتيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بياني کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاش?? تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچس??ان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ا?? تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽائون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽائون جي واقعي دو??ان کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي د??ان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاش?? تي سياست ڪري رهيا آهن.