اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (ا?? پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) صنعتي صار??ين جي لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي وقتن جي بنياد تي ٽيرف اسڪيم جي خاتمي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪابينا جي اقصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس و??ير??عظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وفاقي وزير محم?? ميان سومرو، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، روينيو واري خاص معاون ڊاڪٽر وقار مسعود، پاور واري خاص معاون تابش گوهر ۽ و??ير??عظم جي اداراجاتي سڌارن واري صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين شرڪت ڪئي.