اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهز??د اڪبر چيو آهي ته ک??ڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي مشاورت جاري آهي، شوگر انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ??لز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهز??د اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميشن جي انڪوائري رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ ک??ڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيشن جي نشاندهي ڪئي ۽ ان ۾ ملوث شوگر ??لز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ??لز ايسوسي??يش?? ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن ک??ڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميشن جي رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئي هئي. عزير بلوچ جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي حڪم تي سامهون آندي وئي.