اسلام آباد – 06 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام تي زور ڏنو آهي ته جهڙي ط??ح اها ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ??يو اهڙي ط??ح ڪ??وي?? 19 جي خلاف ايس او پيز تي يقين ۽ ان تي عمل به ڪري. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن برطانيا جي هفتيوار دي اڪنامسٽ ۾ شايع ٿيندڙ سروي رپورٽ شيئر ڪئي ج??هن ۾ اهو ٻڌايو ??يو آهي ته پاڪستاني دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ان ڳالهه تي يقين رکندڙ ماڻهو آهن ته ڪورونا وائرس ڄاڻي واڻي ناهي پکيڙيو ??يو. هلندڙ سال مارچ ۾ ٿيندڙ سروي موجب 72 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪا پرڏيهي قوت اهو وائرس نه پکيڙي رهي آهي ۽ اهو قدرتي آهي جڏهن ته رڳو 23 سيڪڙو جو اهو وهم آهي ته وائرس ڄاڻي واڻي پکيڙيو ??يو آهي.