اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اولين ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوز?? کان بچائڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوا?? جي مشڪلاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان منه?? ڏنو ويندو، ??خيره اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.