اسلام آباد – 18 اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي جي صدارت ۾ عالم سڳورن جي هڪ اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي ڏس ۾ رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت 20 نقاطي ايجنڊا جاري ڪئي وئي آهي. صدر رمضان المبارڪ دوران تراويح نماز ۽ جمعي نماز بابت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن جي وڏن وزيرن، گورنرن، عالم سڳورن ۽ سياسي شخصيتن سان تفصيلي مشاورت ڪئي جڏهن ته چئني صوبائي حڪومتن کان ان حوالي سان لکت ۾ سفارشون ط??ب ڪيون هيون، صحت جي عالمي اداري جي سفارشن ۽ ڪورونا جي ڪري ملڪ جي اندروني صورتحال کي پڻ نظر ۾ رکيو ويو آهي، صدر جي ڀرپور ڪوششن سان مشاورت تي ٻڌل اهو متفقه پڌرنامو طئي ٿيو. صدر ڊاڪٽر عار?? علوي عالم سڳورن جي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي.