اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري زاهده پروين چيو آهي ته پا??ستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) جي ڊجيٽل منتقل?? جي پاليسي ايندڙ هفتي دوران وزيراعظم عمران خان کي پيش ڪئي ويندي ته جئين براڊ ڪاسٽر جي نشرياتي نظام کي اينالاگ سان ڊجيٽل سسٽم تي منتقل ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قو??ي اسيمبل?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽ?? جي ذيلي ڪميٽي ج?? اجلاس کي بريفنگ دوران ڪيو، جيڪو ڪميٽ?? جي ڪنوينر سيد امين الحق جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.