اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جي ڏس ۾ نجي شعبي ۽ ڪاروباري برادري کي هر م????ن سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي. ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادارڪ آهي ۽ ان سلسلي ۾ وفاقي حڪومت هر م??ڪن ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي سان تعلق رکندڙ پاڪستان تحريڪ انص??ف جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.