اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ تي حادثن جي روڪ ٿام ۽ مسافرن کي ريسڪيو ڪر?? لاءِ اهم قدمن تحت مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کان روزانو جي بنياد تي حادثن جي ڊيٽا طلب ڪري ورتي آهي. مواصلات واري وزارت پاران جاري پڌرائي مطابق موٽرويز تي ٽريفڪ حادثن جي زخمين لاءِ 1122 سان گڏ هيلي ڪاپٽر سروس جي فراهمي شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو پيو وڃي. مواصلات واري وفاقي وزير عبد العليم خان چيو ??ه سڄي ملڪ ۾ شهرين لاءِ موٽر ويز ۽ جي ٽي روڊ کي وڌ کان وڌ مح??وظ هجڻ گهرجي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي مستحڪم ڪر?? لاءِ شارٽ ۽ لانگ ٽرم پاليسيون لاڳو ڪيو وڃن. مواصلات واري وفاقي وزير اين ايڇ اي سان مالي استحڪام لاءِ ايندڙ 5 سالن جو ايڪشن پلان طلب ڪندي چيو ??ه نيشنل هاءِ وي اٿارٽي سرڪاري فنڊن جي استعمال بدران قابل عمل منصوبن تي ڪم ڪري. هن اين ايڇ اي کي نيشنل ٽرانسپورٽ پاليسي جي تياري جو پڻ ٽاسڪ ڏنو ۽ هدايت ڪئي ته اين ايڇ اي موٽر ويز تي ٽرڪن جي وڊيو ??رويلنس يقيني بڻائي. ايڪسل لوڊ ڊي روڊ تي لاڳو ڪيو وڃي ۽ فريٽ اينڊ لاجسٽڪ پاليسي تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير اين ايڇ اي کي ٽال ٽيڪس گڏ ڪر?? لاءِ جديد مڪينزم اختيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي.