اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي مصنوع?? ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي فروغ سان ملڪ کي ترقي جي را??ه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو، گورننس ۽ سائنس جي ڳانڍاپي سان ترقي ممڪن آهي، ??راعت پاڪستان جو بنياد آهي، ??ن شعبي ۾ ڊرون ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، پاڪستان موجوده حڪومت جي دانشمنداڻي ??اليسين ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسٽيڪ يونيورسٽي ۾ مصنوع?? ذهانت بابت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ??يو ته مصنوع?? ذهانت جي ڪري صحيح انگ اکر گڏ ڪرڻ ۽ ان موجب پاليسي سازي ۾ مدد ملي ٿي، مصنوع?? ذهانت کي استعمال ۾ آڻڻ سان وڌيڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ جي صلاحيتن ۾ اضافو ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ ماڻهن جي ڊيٽا موجود آهي، ??ها ڊيٽا نئون سون ۽ تيل آهي، ??سان ان ڊيٽا جي تجزيه سان منصوبابندي ڪري ڪيترن ئي قدمن ۾ بهتري آڻي سگهون ٿا.